سائفر وڏو ڊرامو هو، تحريڪ انصاف جي باني سائفر کي سياسي رنگ ڏنو: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سائفر وڏو ڊرامو هو، تحريڪ انصاف جي باني سائفر کي سياسي رنگ ڏنو، اقتدار جي لالچ ۾ ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي، غلط بياني سبب ملڪي معيشيت تباهه ٿي، 9 مئي جهڙا واقعا ٿيا. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ماضي ۾ وڏين پارٽين جي وڏن اڳواڻن جيل ڪاٽيا آهن، آصف زرداري بنا ڪنهن سزا جي 11 سال جيل ۾ رهيو. هن چيو ته  ڇا اها وڏي پارٽي ۽ وڏو ليڊر آهي جنهن کي آر ٽي ايس بيهاري اقتدار ۾ آندو ويو، وڏا ليڊر اهي آهن جن جمهوريت ۽ آئين لاءِ قربانيون ڏنيون. شرجيل ميمڻ چيو ته وڏا ليڊر اهي ناهن جن جي پارٽين کي لانچ ڪيو ويندو آهي، ڇا اهي وڏا ليڊر آهن جن ملڪ جي هر اداري خلاف سازش ڪئي. اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خاموش هو پر جڏهن بي اعتمادي رٿ آئي ته سائفر جو ڊرامو رچايو. شرجيل ميمڻ چيو ته جنهن ڏينهن پرڏيهي فنڊنگ جو ڪيس جو فيصلو آيو، ان ڏينهن ئي مٿس پابندي لڳڻ گهرجي ها، حساس هنڌن تي حملن باوجود عدالتن ۾ کيس گڊ ٽو سي يو چيو ويو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون