ماضي ۾ کين قوميت ۽ ٻولين جي بنيادن تي ورھايو ويو پر ھاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي: سعيد غني

- Advertisement -
پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي ته ماضي ۾ کين قوميت ۽ ٻولين جي بنيادن تي ورھايو ويو پر ھاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي. ڪراچي ۾ ڪورنگي واري علائقي ضياءَ ڪالوني ۾ شموليتي تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ پي ايس پي اڳواڻ اختر ابڙيَ، اڪبر ابڙيَ ۽ ٻين ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب ۾ پ پ ڪورنگي ضلعي جي صدر جاويد شيخ، ڪورنگي ٽائون جي چيئرمين نعيم شيخ، جاني ميمڻ، پ پ اڳواڻ سائين بخش بنگلاڻي، اڳوڻي ايم اين اي علي راشد، ۔عبدالحفيظ نوناري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالھائيندي سعيد غني چيو ته ماضي ۾ به ڪيترائي پ پ مخالف اتحاد ٺھيا پر انھن کي به ناڪامي نصيب ٿي. ھن چيو ته ھي اتحاد صرف چونڊن تائين محدود آھن چونڊن کانپوءِ اهي ھڪ ٻئي جا ويري بڻجي ويندا آھن، ماضي ۾ ڪراچي کي لسانيت ۽ ٻولين جي بنيادن تي ورھايو ويو پ پ جي حڪومت ۾ ڪراچي مان ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڏوھن جو خاتمو آندو ويو آھي. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم سميت مختلف پارٽين جا اڳواڻ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رھيا آھن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون