وڏين گاڏين جي حوالي سان عدالتي حڪم تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي: مقبول باقر

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، وڏين گاڏين کي ڏينهن وقت ٽريفڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏيندي شهر ۾ صبح 6 وڳي کان رات 11 وڳي تائين وڏين گاڏين مٿان روڊن تي نڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ آهي ته وڏين گاڏين جي حوالي سان عدالتي حڪم تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. نگران وڏي وزير چيو ته گاڏين ذريعي صرف ضروري شين جي چُر پُر جي اجازت هوندي. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب وڏي وزير پنهنجي دوري دوران به ٽريفڪ ڀڃڪڙي کي به اجاگر ڪيو ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو. نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته هيوي گاڏين تي ڏينهن وقت پابندي وارو قدم بهترين آهي، جنهن سان قيمتي انساني زندگيون محفوظ بڻائي سگهجن ٿيون ۽ ٽريفڪ رواني ۾ بهتري ايندي. وڏي وزير جي هدايت بعد ڪمشنر ڪراچي ڏينهن وقت شهر ۾  وڏين گاڏين جي روڊن تي نڪرڻ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون