سپريم ڪورٽ، پي ٽي آءِ باني جي توشا خانه ڪيس ۾ سزا جو فيصلو معطل ڪرائڻ  بابت درخواست تي اعتراض

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ، پي ٽي آءِ باني جي توشا خانه ڪيس ۾ سزا جو فيصلو معطل ڪرائڻ  بابت درخواست تي اعتراض واريندي واپس ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ  بانيءَ طرفان توشا خانا ڪيس ۾ سزا  واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخوسات داخل ڪرائي. سپريم ڪورٽ آفيس پي ٽي آءِ بانيءَ جي درخواست تي اعتراض واريندي  اها واپس ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ بانيءَ طرفان درخواست  ۾ موجود اختيار ڪيو ويو ته توشا خانا ڪيس ۾ سزا اڳ ئي معطل ٿي چڪي آهي، هائيڪورٽ رڳو سزا معطل ڪئي سمورو فيصلو ناهي ڏنو، هائيڪورٽ فيصلي ۾ غلطيءَ جو اليڪشن ڪميشن فائدو  ورتو ۽ پي ٽي آءِ بانيءَ جي نااهليءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. درخواست ۾ موجب چونڊون ويجهو آهن،  پي ٽي آءِ باني اڳوڻو وزيراعظم آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽيءَ جي ليڊر کي چونڊن کان ٻاهر نٿو رکي سگهجي. پي ٽي آءِ طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته  سپريم ڪورٽ  توشا خانا ڪيس ۾ سزا وارو فيصلو معطل ڪري ته پي ٽي آءِ باني چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي. اعتراض ۾ چيو ويو ته اپيل سان لڳايل دستاويز اڻپورا آهن، سمورن  لاڳاپيل دستاويزن سان اپيل 6 جنوري تائين داخل ڪرائي وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون