قائد اعظم محمد علي جناح جو 147هون جنم ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ صبح مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي دستو گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا. مهمان خاص ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري مزار تي گل رکي فاتحه خواني ڪري مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. صدر عارف علوي، گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ ٻين قائد جي مزار تي حاضري ڀري. صدر عارف علوي مزار قائد تي گل رکي فاتحه خواني ڪري مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر قلمبند ڪيا. قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ خاص تقريبون ڪوٺائي عظيم قائد جي زندگي ۽ جدوجهد تي روشني وڌي پئي وڃي. ننڍي کنڊ ​​جي مسلمانن کي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد وطن ڏيندڙ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي جي وزير مينشن ۾ اکيون کوليون هيون ته هي ٻار عظيم اڳواڻ بڻجي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ٻيڙي پار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. قائداعظم شروعاتي تعليم سنڌ مدرسته الاسلام مان حاصل ڪئي جڏهن ته ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيو بعد ۾ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو. 1895ع ۾ هن لنڊن مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ بمبئي واپس اچي باقاعدي وڪالت جي شروعات ڪئي. 1896ع ۾ محمد علي جناح پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪندي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ باضابطا شموليت اختيار ڪئي پر ڪجهه وقت کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته ڪانگريس رڳو هندن جي نمائنده جماعت آهي. 1913ع ۾ قائداعظم آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڌار وطن لاءِ باضابطه تحريڪ شروع ڪئي. آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ قائداعظم ڏينهن ۽ رات مسلمانن جي سياسي شعور کي جاڳائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيا. آخرڪار قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ ​​جي مسلمانن جو ڌار وطن جو خواب پورو ٿيو جنهن جو نالو پاڪستان رکيو ويو. آزاديءَ کانپوءِ قائداعظم جي صحت خراب ٿيڻ شروع ٿي ۽ ڪيترين ئي بيمارين سان وڙهندي وڙهندي آخرڪار 11 سيپٽمبر 1948ع تي هن قوم جو داعي لاڏاڻو ڪري ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون