- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿَڪ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي قيادت ڪئي ۽ آزاد وطن حاصل ڪيو، قائد اعظم اڄ به سڀني لاءِ مشعل راهه آهي.
قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغا ۾ نگران وزيراعظم چيو ته عظيم قائد ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي قيادت ڪئي ۽ آزاد وطن حاصل ڪيو، هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ متحد ڪيو.
سندس چوڻ هو ته قوم پاڪستان جي باني کي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪندي آهي، قائد اعظم اڄ به سڀني لاءِ مشعل راهه آهي
نگران وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ قائد جي پيغام کي ورجائڻ ۽ انتهاپسند طاقتن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضروت آهي.- Advertisement -
