اسرائيلي فوج جي غزا تي وحشياڻي بمباري ۾ وڌيڪ 166 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزا تي وحشياڻي بمباري ۾ وڌيڪ 166 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ميڊيا رپورٽ موجب يهودي فوج جي  بمباري ۾  24 ڪلاڪن دوران 166 فلسيطني شهيد ۽ 384 زخمي ٿي پيا. المغازي پناهگير ڪئمپ تي حملي ۾ 66 ۽ خان يونس ۾ بمباري سبب 22 شهرين شهيد ٿي ويا. شهيدن جو انگ مجموعي طور 20 هزار 424 کان وڌي ويو آهي. هوڏانهن  فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم القسام برگيڊ  جي جباليا ۾ اسرائيلي فوج خلاف زبردست جوابي ڪارروائي دوران ميجر سميت ڪيترائي فوجي مارجي ويا. القسام برگيڊز جي  ترجمان موجب گذريل چئن ڏينهن دوران 48 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن، طوفان الاقصيٰ مزاحمتي آپريشن دوران هن وقت تائين 485 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن. اسرائيلي فوج تصديق ڪندي چيو ته هڪ ڏينهن دوران 15 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن، اسرائيلي فوج کي وڏي مزاحمت سان منهن ڏيڻو پيو آهي. اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي پر نتيجا ۽ ڪاميابي ملڻ تائين جنگ جاري رهندي. والاريل فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز جي قيد مان آزادي ماڻيندڙ اسرائيلي ماءُ ۽ ڌيءُ مجاهدن جي اخلاق جون مداح بڻجي ويون،  هڪ انٽرويو  ۾ 48 ورهين جو الموگ گولڊسٽين ۽ سندس ڌيءُ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته القسام جا ويڙهاڪ بمباري دوران به کين بچائيندا رهيا، هو عورتن کي راڻيون سمجهندا آهن،7 آڪٽوبر تي القسام برگيڊ سميت ٻين ويڙهاڪ گروپن ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين ۽ شهرين کي قيدي بڻايو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون