پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي

- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي جڏهن ته فلسطين جي والاريل اولهه ڪناري ۾ حضرت عيسيٰ جي جنم ڀومي ۾ ڪرسمس جون تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن. ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري ڀرپور تياريون ڪري ورتيون آهن ان سلسلي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي سمورن گرجا گهرن کي برقي لائيٽن سان سجايو ويو. ڪرسمس تي ملڪ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ مسيحي برادري روڊن رستن کي سينگارڻ سان گڏ گهرن ۾ ڪرسمس ٽري به سجاياآهن. ڏينهن جي شروعات تي گرجا گهرن ۾ دعائيه تقريبن ۾ پاڪستان لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. ڪرسمس جي خاص موقعي تي مسيحي برادري جو چوڻ آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام محبت ۽ ڀائيچاري جو جيڪو درس ڏنو ان کي هر طرف پکيڙيو ويندو، ڪرسمس جو ڏڻ پاڻ سان گڏ خوشي، روشني ۽ امن جو پيغام کڻي اچي ٿو، سڄو سال هن ڏڻ جو انتظا ڪندا آهن. سڄي دنيا ۾ مسيحي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي جنم ڏينهن تي فلسطين جي والاريل اولهه ڪناري ۾ سندس جنم ڀومي بيت ۾ ڪرسمس جون تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن. بيت المقدس شهر لڳ ڀڳ ويران ٿي ويو آهي ۽ مسيحي برادري جي دل ڏکوئيندڙ آهي. عيسائي برادري جو چوڻ آهي ته ڪو به جشن ملهائڻ لاءِ تيار ناهي، سندن دلين ۾ ڪا به خوشي نه رهي آهي. ويٽي ڪن سٽي ۾ ڪرسمس جي مک تقريب ٿي، جنهن ۾ پوپ فرانسس ڪرسمس جو ڏڻ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪئي. پوپ فرانسس چيو ته انصاف طاقت سان نه پر محبت سان ملندو آهي، سندن دلين جي ڌڙڪن بيت المقدس سان آهي، هو فلسطين، اسرائيل ۽ يوڪرين جنگ متاثرن سان گڏ آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون