ننگرپارڪر: ڪارونجھر جي امڪاني ليز خلاف مقامي ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي امڪاني ليز خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سجاڳ فورم ۽ مقامي ماڻهن پاران هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هائيڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ واضح لکي چڪي آهي ته ڪارونجهر جبل معدنيات کاتي جي ملڪيت ناهي، ڪارونجهر قومي ورثو آهي. هنن چيو ته ڪارونجهر جبل مذهبي، سياحتي ۽ ثقافتي ماڳ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آهي، مقامي ماڻهو مختلف فورمن تي ڪارونجهر جي ڪٽائي کي رد ڪري چڪا آهن. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ هائيڪورٽ جي فيصلي موجب ڪارونجهر کي بحال رکي مقامي ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون