تازه ترين

مسلم ليگ نون حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمبر گيم تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو، سياسي پارٽين جي سربراهن سان رابطن جو سلسلو جاري

- Advertisement -
مسلم ليگ نون حڪومت ٺاهڻ لاءِ نمبر گيم تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو، سياسي پارٽين جي سربراهن سان رابطن جو سلسلو جاري آهي. پارٽي ذريعن موجب، مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ حڪومت ٺاهڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ جلد ملاقات جو امڪان آهي. ان کان اڳ مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف به 24 ڪلاڪن دوران جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٻيو رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال، ٿيل عام چونڊن ۽ نتيجن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب، شهباز شريف مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت مولانا فضل الرحمان کي اعتماد ۾ ورتو. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان مجلس عامله ۽ امرا اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وقت گهري ورتو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اربع ڏينهن مجلس شوريٰ ۾ صلاح مشورو ڪري ايندڙ حڪمت عملي کان آگاهه ڪندا..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
36 %
1.9kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون