تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

9 مئي تي تاريخ جو ڪارو بات لکندڙن سان ڪا به سوديبازي يا ڊيل نه ٿيندي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي تي تاريخ جو ڪارو بات لکندڙن سان ڪا به سوديبازي يا ڊيل نه ٿيندي، ڀڙڪايل ماڻهن کي اڳ ئي شڪ جو فائدو ڏنو آهي، اصل جوابدار کي حساب ڏيڻو پوندو،  سانحي جو اصل جوابدار پاڻ کي معصوم ظاهر ڪري رهيو آهي ان کي ڪا ڍَر نه ملندي نه ئي ساڻس ڊيل ٿيندي، 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن، مددگارن ۽ جوابدارن کي ملڪي قانون  موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾آندو ويندو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم مينر لاهور گيريزن جو دورو ڪيو.

جنرل عاصم منير وطن خاطر قربانيون ڏيندڙ شهيدن جي ڀيٽا پيش ڪري يادگار تي گل نڇاور ڪيا ۽ فاتحه پڙهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي فارميشن جي آپريشنل تيارين  تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ڪور هيڊڪوارٽر ۾ گيريزن آفيسرن کي خطاب ڪندي آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن جي خدمتن تي سندن واکاڻ ڪئي.

جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته دشمن قوتون ۽ سندن سرپرست ڪوڙ، جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي ڊجيٽل دهشتگردي ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر قوم جي حمايت سان سمورن قوتون جا ارادا ناڪام بڻايا ويندا.

 

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون