آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ آمريڪا پاڪستان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ آمريڪا پاڪستان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي. ڊيلس جي گرينڊ پريري اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽورنامينٽ جي 11هين ميچ ۾ آمريڪا پاڪستان کي شڪست ڏئي وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو، لاڳيتو ٻن ميچن ۾ ڪاميابي سان آمريڪي ٽيم گروپ اي ۾ 4 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي آهي. ميچ ۾ پاڪستان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ آمريڪا به 3 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهي اسڪور برابر ڪري ڇڏيو جنهن بعد ميچ سپر اوور ۾ هلي وئي. سپر اوور ۾ آمريڪا 18 رنسون ٺاهي ورتيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي صرف 13 رنسون ٺاهي سگهي ۽ آمريڪا 5 رنسن تان ميچ کٽي ورتي. ان کان اڳ آمريڪي ڪپتان مونڪ پٽيل ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي آمريڪا کي کٽڻ لاءِ 160 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. پاڪستان طرفان بابر اعظم 44، شاداب خان 40 رنسون ٺاهيون جڏهن ته شاهين آفريدي 23 ۽ حارث رئوف 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. فخر زمان 11، افتخار احمد 18 ۽ عثمان خان 3 رنسون ٺاهيون جڏهن ته اعظم خان ٻڙيءَ تي پويلين موٽي ويو. آمريڪا طرفان نٿوش ڪينجيگي 3، سورڀ نيتراوالڪر 2، علي خان ۽ جسديپ سنگهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. آمريڪا طرفان مونڪ پٽيل 50، آرون جونز 36، اينڊرس گيوس 35، نتيش ڪمار 14 ۽ اسٽيون ٽيلر 12 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان محمد عامر، حارث رئوف ۽ شاهين آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.5 ° C
11.5 °
11.5 °
44%
0.8m/s
100%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون