تازه ترين

پاڪستان طرفان ٽي ٽي پي سربراهه نور ولي محسود خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

- Advertisement -
پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي محسود جي هاڻوڪي ڳجهي ڪال ليڪ جي فارنزڪ ڪرائڻ ۽ سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 19 جولاءِ تي نور ولي محسود جي ڳجهي ڪال منظر عام تي آئي هئي، جنهن ۾ هو احمد حسين عرف غٽ حاجي کي اسپتال، اسڪول ۽ سرڪاري ملڪيتون ڌماڪي سان اڏائڻ جون هدايتون ڏئي رهيو آهي، ڪال ۾ پوليس ۽ فوجين جي گهرن کي به پٽ ڪرڻ جون به واضح هدايتون ٻڌي سگهجن ٿيون. ميڊيا تي خبر اچڻ بعد سخت عوامي رد عمل تي خوارجي ٽولي ڳجهي ڪال کي اي آءِ جنريٽيڊ قرار ڏئي ڪري ڀڄڻ جو  رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته لاڳاپيل اختيارين نور ولي ۽ غٽ حاجي جي ڳجهي آڊيو ليڪ جي آفيشل فارنزڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهم ڪال جي فارنزڪ رپورٽ اچڻ بعد نور ولي ۽ غٽ حاجي خلاف ڪري شموزئي ڊيرا اسماعيل جي صحت مرڪز ۾ 15 ۽ 16 جولاءِ تي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي شهيد ڪرڻ تي سندن خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. خارجي ٽولي ۽نور ولي محسود جي افغانستان ۾ مسلسل موجودگي ۽ اتان ويهي ڪري پاڪستان ۾ سڌي ريت دهشتگردي ڪرائڻ تي افغان عبوري حڪومت سان سخت احتجاج به ڪيو ويندو. هنن خوارجي دهشتگردن کي پاڪستان خلاف مسلسل دهشتگردي ۽ سنگين ڏوهن جي ڪري افغانستان مان هنن دهشتگردن کي فوري طور تي پاڪستان حوالي ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويندو. افغانستان جي ڌرتي پاڪستان خلاف مسلسل استعمال ٿي رهي آهي ۽ افغان عبوري حڪومت خوارجي ٽولي جي دهشتگرد ڪاررواين کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. پاڪستان دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙان پٽڻ لاءِ هر ممڪن حد تائين ويندو ته جيئن هن ناسور کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون