تازه ترين

پاڪستان اسرائيل جي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ جو اعلان رد ڪندي فلسطيني عوام جي ڪنهن به بيدخلي جي ڪوششن کي ناقابل قبول قرار

- Advertisement -
فٽيج پاڪستان اسرائيل جي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ جو اعلان رد ڪندي فلسطيني عوام جي ڪنهن به بيدخلي جي ڪوششن کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. صومالي لينڊ کي ملڪ تسليم ڪرڻ جي اسرائيلي قدم تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو، پاڪستان جي نائب نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ جي اسرائيلي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو. پاڪستاني نائب نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ته اسرائيل غزه مان فلسطينين کي دربدر ڪري صومالي لينڊ موڪلڻ چاهي ٿو. عثمان جدون جو چوڻ هو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي بيدخلي جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪري ٿو، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته فلسطين جو معاملو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ٻه رياستي حل ذريعي ئي ڪرايو وڃي. هن سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته صومالي حڪومت ملڪي استحڪام لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر اسرائيلي روييو غير ذميواراڻو ۽ خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان نائب نمائندي واضع ڪيو ته اهو قدم عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، صوماليه جي خودمختياري ۽ سالميت جي مڪمل حمايت ڪن ٿا…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22 ° C
22 °
22 °
53 %
0.7kmh
51 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون