تازه ترين

8 فيبروي تي عوام پ پ اميدوارن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو : مير اعجاز حسين خان جکراڻي

- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 190 تي پ پ اميدوار مير اعجاز حسين خان جکراڻي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوار کي يوسي ڪنڊراڻي ۾ هڪ به ووٽ نه ملندو، 8 فيبروي تي عوام پ پ اميدوارن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو. ڳوٺ گلشير خان ڪنڊراڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ محمد ابراهيم ڪنڊراڻي طرفان ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي. ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻي کي اين اي 190 تي پ پ اميدوار مير اعجاز حسين خان جکراڻي ۽ پي ايس 2 جي اميدوار ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي چيو ته هاڻي اليڪشن بچي ئي ناهي رڳو نتيجي جو انتظار آهي. هنن چيو ته يوسي بلوچ آباد، مبارڪپور، ٽانوري، رانجهاپور، ميرپور ٻرڙو، موسي واھه، ڪنڊراڻي، ٻچڙو، بهادرپور ۽ مدد کوسو يوسي ۾ مخالف اميدوار محمد ميان سومرو کي ايجنٽ ئي نه ملندا. سندن چوڻ هو ته ڪنڊراڻي برادري سئو سيڪڙو ساڻن گڏ آهي، اڄوڪي ڪارنر گڏجاڻي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري ثابت ڪيو آهي ته پ پ جي مخالف اميدوار کي يوسي ڪنڊراڻي ۾ هڪ به ووٽ نه ملندو. اين اي 190 تي پ پ اميدوار مير اعجاز حسين خان جکراڻي ۽ پي ايس 2 جي اميدوار ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي چيو ته ٺل تعلقي جي رائيس مل ۾ ست هزار مزدور ڪم ڪن ٿا ۽ هزارين مزدورن سندن حمايت ۾ جلسو ڪري مخالفن جون وايون بتال ڪيون آهن. تقريب کي مير راجا آفتاب خان ڪنڊراڻي، سردار ذوالفقار خان سرڪي، مير حارث خان جکراڻي، مير محسن خان سرڪي ۽ ٻين خطاب ڪيو .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
46 %
3.6kmh
41 %
اڱارو
26 °
اربع
32 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون