- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته 8 فيبروري تي ملڪ جي عوام مختلف پارٽين کي مينڊيٽ ڏنو آهي، ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي سرڪاري ملازمن تي دٻاءُ وجهي کين بليڪ ميلنگ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته رياست پنهنجا آئيني فرض نڀائڻ ۾ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي.
هن چيو ته پرتشدد شيون عام ڪندڙن کي مثالي سزا يقيني بڻائي ويندي.
نگران وزيراعظم چيو ته رياست ۽ ملڪ جي عوام جي خدمت ڪندڙ عظيم سرڪاري ملازمن سان وابستگيءَ ۾ ڪو شق نه هجڻ گهرجي.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پنهنجو وفاداريون تبديل ڪرڻ آرٽيڪل 5 ۽ آئين جي ٻين آرٽيڪلن توڙي ملڪي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.- Advertisement -
