تازه ترين

لڪي مروت ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل 6 جوانن فوجي اعزاز سان اباڻي علائقن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

لڪي مروت ۾ شهيد ٿيل صوبيدارميجر محمد نذير سميت ڇهن جوانن جا مڙهه مڪمل فوجي اعزاز سان اباڻي علائقن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

9 جون تي لڪي مروت ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائڪ محمد انور، لانس نائڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود شهيد ٿي ويا هئا.

شهيد صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائڪ محمد انور، لانس نائڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نماز ۾ حاضر سروس آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز بعد شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، شهيدن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ٿيون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
55 %
5.2kmh
55 %
ڇنڇر
22 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °

تازه ترين خبرون