تازه ترين

9مئي جي واقعن جي منصوبابندي ۽ حملا ڪندڙن جي پٺرائي ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آھن: خواجه آصف

اڳوڻي بچاءَ واري وزير ۽ مسلم ليگ نواز جي سينيئر اڳواڻ خواجھ آصف چيو آھي تھ 9مئي جي واقعن جي منصوبابندي ۽ حملا ڪندڙن جي پٺرائي ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آھن.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي خواجھ آصف چيو تھ ھو 76ھون جشن آزادي جو ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملھائيندا.

ھن چيو تھ 9مئي جو ڏينھن سندن لاءِ انتھائي تڪليف ڏيندڙ ھو، ان ڏينھن تي جھڙي طرح ادارن تي حملا ٿيا اھا ھڪ بغاوت ھئي، ھو سمجھي ٿو تھ ڪو بھ پاڪستاني اھڙي بغاوت ۾ شامل ٿيڻ پسند نھ ڪندو آھي.

خواجا آصف جو چوڻ ھو تھ 9مئي جي واقعن جي منصوبابندي ٿئي ۽ ڪير ان جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي، اھو پاڪستاني نھ ٿو ٿي سگھي.

مسلم ليگ نواز جي سينيئر اڳواڻ چيو تھ اڄ بھ سوشل ميڊيا تي پاڪستان جا جھنڊا لاھي پي ٽي آءِ جا جھنڊا لڳايا پيا وڃن، اھڙين وڊيوز سان سوشل ميڊيا ڀريل آھي.

اڳوڻي بچاءَ واري وزير چيو تھ پاڪستان جي اندر بھ ۽ ٻاھر بھ اھڙن ماڻھن جو پاڪستان سان ڪو بھ تعلق نھ آھي، رڳو اقتدار ۽ دولت  سان تعلق آھي.

خواجا آصف جو چوڻ ھو تھ ايندڙ عام چونڊن ۾ انشاءُ اللھ اھڙن ماڻھن کي ھن ڀيري پاڪستان جي سياسي سين مان مڪمل طور آئوٽ ڪيو ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33 ° C
33 °
33 °
26 %
1.9kmh
45 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون