دوڙ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري وسيم افضل راجپوت چيو آهي ته 9وارڊن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پنج ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.
دوڙ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري وسيم افضل راجپوت جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ وائيس چيئرمين حاجي ابرار حسين گورچاڻي، ڊاڪٽر سيد حبيب احمد شاهه، مولائي ضمير حسين، غلام حسين ديناري، حاجي محمد عرس لاشاري، روي ڪمار، طحه خانزادي، عبدالرحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي دوڙ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري وسيم افضل راجپوت جو چوڻ هو ته ٽائون جي سمورن 9 وارڊن ۾ بنا فرق جي ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا.
هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي ڪمن جي لاءِ پنج ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن جيڪي روڊ رستن، گهٽين ۾ پيور بلاڪ ۽ ٻين ڪمن ۾ خرچ ڪيا ويندا.
چيئرمين چوڌري وسيم افضل راجپوت جو چوڻ هو ته دوڙ شهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هو سڀ گڏجي شهر ۽ ٻين وارڊن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن