تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

9 مئي بابت فوج جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي نه ئي ايندي: ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف

پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته 9 مئي بابت فوج جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي نه ئي ايندي، قانون ڊجيٽل دهشتگردن خلاف اثرائتو ڪم نه پيو ڪري، پاڪ فوج جا آفيسرن ۽ جوان ملڪ جي اشرفيا ناهن، ٻين ملڪن ۾ فوج جي معاشي خدمتن کي قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو، آهي هتي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، ڇا تنقيد سبب هو پنهنجو ڪم نه ڪن؟ هڪ مافيا پاڪستان جي ترقي نه ٿي چاهي، دهشتگردي خلاف سندن ڪامياب جنگ آخري دهشتگرد ۽ ان سان واڳيل دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندي.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪ فوج حق خود اراديت جي منصفاڻي جدوجهد ۾ والاريل ڪشمير جي بهادر عوام سان گڏ بيٺل آهي، خطي ۾ جٽادار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ آخري دهشتگرد ۽ ان سان واڳيل دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چچيو ته پاڪ فوج عوام لاءِ سماجي ۽ اقتصادي پراجيڪٽن ۾ حصو وٺندي آهي، ان ۾ ڪيترائي فلاحي ڪم آهن، فوج جو خاص ڌيان خيبرپختونخوا جي ضم ٿيل ضلعن ۽ بلوچستان جي متاثر علائقن تي آهي.

هن چيو ته پاڪ فوج جا آفيسرن ۽ جوان ملڪ جي اشرفيا ناهن، ٻين ملڪن ۾ فوج جي معاشي خدمتن کي قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو، آهي هتي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، ڇا تنقيد سبب هو پنهنجو ڪم نه ڪن؟

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته فوج ڪنهن خاص سياسي سوچ، پارٽي، مذهب ۽ فرقي جي حمايت نه ٿي ڪري.

سندس چوڻ هو ته قانون ڊجيٽل دهشتگردن خلاف اثرائتو ڪم نه پيو ڪري، 9 مئي بابت فوج جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي نه ئي ايندي.

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هڪ مافيا نه ٿي چاهي ته ملڪ ۽ عوام ترقي ڪري، ان جي ڪوشش آهي ته عوام ترقي نه ڪري سگهي ۽ عوام جو استحصال ٿئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪجهه عرصي دوران پاڪ فوج خلاف منظم پروپيگنڊا ۽ ڪوڙين خبرن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

هن چيو ته حڪومت هڪ اهم فيصلي ۽ نوٽيفڪيشن ذريعي ڪالعدم ٽي ٽي کي فتنه الخوارج جي نالي سان نوٽيفاءَ ڪيو،  جنهن کي هاڻي ان ئي نالي سان سڏيو ويندو، اها نه ڪا تحريڪ آهي نه ئي اسلام سان سندن ڪو تعلق آهي.

بلوچستان جي صورتحال بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بلوچ راجي مچي ۽ ان جي نام نهاد قيادت دهشتگرد تنظيمن جي پراڪسي آهي، انهن جو ڪم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بدنام ڪرڻ آهي.

هن چيو ته انهن جي واردات جو طريقو اهو آهي ته ٻاهرين فنڊنگ تي  ماڻهو گڏ ڪري معصوم شهرين جي ڀڙڪائي رياست جي عملداري کي چئلينج ڪندا آهن، جڏهن ته رياست جواب ڏي ته معصوم بڻجي وڃن ٿا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بلوچستان حڪومت احتجاج ڪندڙن کي چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي، پر روڊ بلاڪ نه ڪيا وڃن.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ايران مان ايندڙ تيل جي فوج يا ايف سي پرمٽ نه ڏيندي آهي، بلوچستان جي سرحدي علائقن جا ماڻهو ايران سان واپار تي ڀاڙن ٿا، جيڪڏهن ايراني سرحد بند ڪئي وئي ته مافيا کي فوج خلاف ڳالهائڻ جو موقعو ملندو، ڪوشش آهي ته ايران مان پئٽرول جي سمگلنگ گهٽ ڪئي وڃي.

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته بلوچستان جا شاگرد ملڪ جو مستقبل آهن، انهن لاءِ جامع اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ تعليم سان گڏ ٻيا خرچ به برداشت ڪيا پيا وڃن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
47 %
4.6kmh
0 %
سُومر
21 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون