تازه ترين

9 مئي لعنتي پروگرام هو، جن به ڪيو غلط ڪيو: شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته 9 مئي لعنتي پروگرام هو، جن به ڪيو غلط ڪيو.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته لال حويلي سندس ذاتي ملڪيت آهي، هتان سندس والدين ۽ ڀائرن جا جنازا کڄا آهن.

هن چيو ته سي پي او کي خبر آهي ته 17 سيپٽمبر کان 22 آڪٽوبر تائين هو ڪٿي هو، 30 ڪلو وزن گهٽ ٿي ويو آهي، اڄ ڪاليج وارو ڪوٽ پهريو آهي، دعا ڪريو ته سندس سرجري نه ٿئي.

شيخ رشيد چيو ته 5 آڪٽوبر جي ڪيس ۾ گرفتاري گهربل آهي، جڏهن به کيس ڪال ڪئي وئي ته هو پهچي ويندو، سندس ڊرائيور ملازمن کي گرفتار نه ڪيو وڃي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته نئون شيخ رشيد ٺاهيو ويو آهي، جيڪڏهن هو گرفتار ٿيو ته جيل مان به اليڪشن وڙهندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
35 %
3.2kmh
98 %
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون