تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

9 مئي وڳوڙن جي رٿابندي ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ٿيندو : آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
پاڪ فوج 9 مئي وڳوڙن کي قومي ٻڌي کي نقصان پهچائڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوج جو پاڪستاني قوم سان تمام گهڻو خاص رشتو آهي، 9 مئي وڳوڙن جي رٿابندي ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ٿيندو، پاڪ فوج وڳوڙن دوران صبر جو مظاهرو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان جي هٿياربند فوج، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس 9 مئي سانحي تي ٿيل مجرماڻي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج 9 مئي تي واضح موقف ڏنو آهي ته سندن قومي تاريخ جي هن ڪاري ڏينهن، سياسي طور تي سرگرم ۽ برين واشد وڳوڙين بغاوت ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي رياستي ادارن خلاف تشدد جو سهارو ورتو. آءِ ايس پي آر موجب، وڳوڙين  ڄاڻي واڻي رياست جي مقدس نشانين ۽ قومي ورثي سان تعلق رکندڙ هنڌن تي ڀڃڊاهه ڪئي، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ خود ساخته ۽ تنگ نظر انقلاب آڻڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي تخريبڪارن ۽ سندن سربراهن سان گڏ رٿابندي ڪندڙن جي بزدلاڻي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب، وڳوڙي عنصرن جو بنيادي مقصد ڏفيڙ پکيڙي عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ تڪرار کي ڀڙڪائي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ هو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قومي ڀائيچاري ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هن سازش جي رٿابندي ڪندڙن، مددگارن ۽ حملا ڪندڙن هٿياربند فوج ۽ رياست خلاف نفرت جي هڪ ڪريل مهم شروع ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، وڳوڙي عنصرن موقف کي ٽوڙي مروڙي شرم جوڳي طريقي سان پاڻ کي آزاد قرار ڏيڻ ۽ الزام رياستي ادارن تي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انهن ئي سببن ڪري 9 مئي سانحي جي رٿابندي ڪندڙن، مددگارن ۽ حملا ڪندڙن سان ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهجي ۽ نه ئي کين قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. آءِ ايس پي آر موجب، 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته “مستقبل ۾ ڪو به سندن هيروز جي يادن ۽ اتحاد جي نشانين کي اهڙي غلط طريقي سان بيحرمتي ڪرڻ جي جرئٿ نه ڪري. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ڏينهن هٿياربند فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ علاقائي سلامتي جو بچاءَ ڪرڻ، ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي عزم جي وچن کي ورجائي ٿي. آءِ ايس پي آر موجب، سندن شهيد ۽ انهن جا خاندان پاڪستان جو فخر آهن، پاڪ فوج پنهنجي عزت ۽ وقار کي هر قيمت تي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪ فوج جو پاڪستان جي عوام سان خاص رشتو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اچو ته اڄ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن جي مذمت ڪريون ۽ پنهنجي پياري ملڪ جي خوشحالي توڙي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪريون،  پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان پائندا باد.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون