- Advertisement -
9مئي جي مختلف ڪيسن ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم تحريڪ انصاف قيادت کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾9مئي جي مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.
جي آءِ ٽي 9 مئي سانحي جي مختلف ڪيس ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف قيادت 9 مئي تي عوام کي ڀڙڪايو، اسد عمر، اعظم سواتي ۽ حافظ فرحت عباس سميت ٻيا ڏوهي آهن.
عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پهريان اوهان چئي رهيا هئا ته جاچ مڪمل ڪريو هاڻي ٿي وئي آهي ته بحث ڪريو، اوهان ٻڌايو تاريخ گهرجي.
عدالت جوابدارن جي وڪيلن کان 14 جنوري تي دليل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
