- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ڄامشورو ٽول پلازا ڀرسان تيز رفتار مزدا ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ مانسهرا واسي نوجوان شيرين فوت ٿي ويو ۽ سعيد زخمي ٿي پيو.
اطلاع موٽروي پوليس لاش ۽ زخمين کي کڻائي لمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
کڏڙي ويجهو تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
لانڍي بس اسٽاپ وٽ حادثي ۾ 20 سالن جو ملڪ اڪرام فوت ٿي ويو ۽ نوجوان احسن علي ڪيريو زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارراوئي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نندو ويجهو تيز رفتار گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ موليڏنو خاصخيلي جو رهواسي سومار فوت ٿي ويو.- Advertisement -
