تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اڃا تائين آدمشماري جي سرڪاري نتيجا سندن وٽ ناهن آيا جنهن صوبي جي جيتري آبادي آهي اوتري ڏيکارڻ گهرجي :مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اڃا تائين آدمشماري جي سرڪاري نتيجا سندن وٽ ناهن آيا جنهن صوبي جي جيتري آبادي آهي اوتري ڏيکارڻ گهرجي، ٻڌو آهي ڪراچي جي آبادي 19 ملين جي ويجهو آهي، جيستائين آبادي جا صحيح انگ اکر نه هوندا هو رٿابندي نه ڪري سگهندا، ڌرڻا ڇڏي ڏيو ڪراچي وارن کي ڪم گهرجي.

ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اڄ کان 2، 3 مهينا اڳ آدمشماري جو مرحلو رڪجي ويو هو، فائنل نتيجا سندس تائين ناهن پهتا، سندن آدمشماري تائين ڪابه پهچ ناهي.

سندس چوڻ هو ته جنهن صوبي جي جيتري آبادي آهي اوتري ڏيکارڻ گهرجي، ٻڌو آهي ڪراچي جي آبادي 19 ملين جي ويجهو آهي، جيستائين آبادي جا صحيح انگ اکر نه هوندا هو رٿابندي نه ڪري سگهندا.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪ جي هر صوبي ۽ شهر جي حقيقي آبادي سامهون اچي سگهندي ته ترقي ممڪن آهي، پارٽي چيئرمين گهڻيون ڳالهيون ڪندا آهن ڇا هو سڀ مڃيندا آهن، هو سي پيڪ جو به خالق آهي بعد ۾ ٻيا به دعويدار نظر آيا.

هن چيو ته هن ته معيشيت کي به بهتر ڪيو، کين تنقيد کان نه گهٻرائڻ گهرجي، ڪراچيءَ شهر ۾ پاڻي چوري ٿيندو آهي اها به حقيقت آهي.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ پاڻي مافيا موجود آهي اها به حقيقت آهي، غيرقانوني ڪنيڪشن خلاف ڪم ڪيو آهي، مافيا پاڻ سامهون ناهي ايندي ٻين ماڻهن کي اڳيان ڪندي آهي، جڏهن هو ڪارروائي ڪندا آهن ته سندن ساٿ ڇو ناهي ڏنو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڪي ٿري سان سئو ايم ڊي سپلائي ٿيندي هئي رڳو 10 ملين ڪراچي جي ماڻهن کي ملندو هو، ڌرڻا هڻڻ سان ڪو فرق نه پوندو، ڌرڻا ڇڏي ڏيو ڪراچي وارن کي ڪم گهرجي.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي وٽ 11 اسپتالون آهن ۽ سڀني ۾ مسئلا آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ سان جلد صلاح مشورن جو سلسلو شروع ٿي ويندو..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون