ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، وزيراعظم ۽ ناڻي واري وفاقي وزير وڏي محنت سان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو : مريم اورنگزيب

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، وزيراعظم ۽ ناڻي واري وفاقي وزير وڏي محنت سان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو،  تحريڪ انصاف حڪومت سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو،  فلم انڊسٽري لاءِ سبسڊي ڏني وئي آهي، ريڊيو پاڪستان ۽ سرڪاري ٽي وي جي زمين تي سئنيمائون قائم ڪيون پيون وڃن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته محمد نواز شريف پاڪستان ڪلچر پاليسي جي شروعات ڪئي هئي، فلم انڊسٽري کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سندن ثقافت ۽ ورثو انتهائي اهميت جوڳو آهي.

سندس چوڻ هو ته سرٽيفڪيٽ بورڊ ٺاهيو ويو آهي، پي ٽي وي فلم ڊويزن جو قيام به شامل آهي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ويو آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ سرڪاري ٽي وي جي زمين تي سئنيمائون قائم ڪيون پيون وڃن، 4 ارب رپيا ريڊيو جي ميڊيم وويو ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته  تحريڪ انصاف حڪومت جي قدمن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، مسلم ليگ نون جي گذريل حڪومت ۾ مهانگائي گهٽ ۽ ترقي جي شرح 6 ڏهائي هڪ سيڪڙو هئي، وزيراعظم ۽ ناڻي واري وفاقي وزير وڏي محنت سان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، صحافين ۽ فنڪارن کي هيلٿ انشورنس جي ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15 ° C
15 °
15 °
40%
1.6m/s
0%
آچر
14 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون