تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سرهاڙي ويجهو هزار ايڪسپريس جو پنج بوگيون پٽڙي تان لهي ويو، 30 مسافر فوت  100 زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سرهاڙي ويجهو هزاره ايڪسپريس جون بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب 30 مسافر فوت ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ريلوي اسٽيشن ويجهو ڪراچي کان حويليان ويندڙ هزاره ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.

حادثي جي نتيجي ۾ 30 مسافر فوت ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس، رينجرز، پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون واري واري هنڌ پهچي ويون جيڪي امدادي ڪمن ۾ رڌل آهن.

حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

حادثي جي فوتين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن.

حادثي سبب اپ اينڊ ڊائون ٽريڪ بند ٿيڻ ڪري ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريون ويون آهي.

پاڪ فوج ۽ رينجرز طرفان حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هدايت تي حيدرآباد ۽ سڪرنڊ مان پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جٿا ۽ هيليڪاپٽر طلب ڪيا ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، مسافرن کي کاڌي پيتي جون شيون به فراهم ڪيون پيون وڃن.

ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق ٽرين حادثي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته  امدادي ڪارروايون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٽرين حادثي جي جاچ ڪرائي ويندي، حادثو دهشتگردي ۽ فني خرابي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري طرفان به ٽرين حادثي جي جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري حادثي جي زخمين کي فوري طور علاج جون سهولتون ڏيڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر ڪامران ٽسوري سرهاڙي ڀرسان ٽرين حادثي جو نوٽيس وٺندي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته خوفناڪ حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي کين تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.4 ° C
17.4 °
17.4 °
49 %
1.2kmh
100 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون