شڪارپور جي عدالت منشيات جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي عمر قيد ۽ 10لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار گل بهار بروهي کي 17ڪلو چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
ايڪسائيز پوليس پنج سال اڳ جوابدار گل بهار بروهي کي 17ڪلو چرس سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي مٿس ڪيس داخل ڪيو هو. پوليس سزا بعد جوابدار گل بهار بروهي کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪري ڇڏيو.
