تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا طرفان سهولتون ۽ پگهارون واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا طرفان سهولتون ۽ پگهارون واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ اتحاد ۽ محنت جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ وسيلن ۽ صلاحيتن جي ڪابه کوٽ ناهي،  وسيلن کي بچائي استعمال ڪيو وڃي ته قرضن جي ضرورت نه پوندي، پنڻ واري عدالت کي هميشه لاءِ الوداع ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز  شريف چيو ته هو سڀ گڏجي پاڪستان جي اجتماعي خدمت تي مقرر آهن، اڄ قومي اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي.

هن چيو ته هڪ مالها ۾ پوئي ملڪ جي خدمت ڪرڻي آهي ته جيئن وقت اچڻ جي خيرات وٺڻ کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم هائوس ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته وسيلن کي هر ممڪن حد تائين بچايو وڃي، اتحادي حڪومت کي چئلينجن حالت ۾ اقتدار مليو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ معدنيات جي تمام گهڻي دولت آهي، الله ملڪ کي قابل ماڻهو ڏنا آهن.

هن چيو ته ماضي ۾ وقت ضايع ٿيو ۽ تمام گهڻو نقصان ٿيو، فيصلو ڪرڻو پوندو ته  پنهنجي تقدير تبديل ڪرڻي آهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بزرگن تمام گهڻي قرباني ڏني پر بدقسمتي سان قائد اعظم جي رستي تان ڀٽڪي ويا آهن………………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15 %
1kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون