تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف مجيد مغيري، احمد نواز بروهي، نظير سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

نوابشاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف ٻڌل مگسي، شاهنواز ڪيريو، عاقب ڏاهري ۽ ٻين ايس ٽي پي هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڄامشوري ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف مک چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

دادو ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف پير گنبل شاھه، امام الدين پنھور ۽ ٻين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.

ٽنڊي الهيار ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مهانگائي خلاف ذيشان جسڪاڻي، مالڪ دائيداڻو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ترقي پسند هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي ۽ ٻين ايس ٽي پي هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

ميرپور ماٿيلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف زاهد ميراڻي، علي نواز جلباڻي، منظور نائچ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب کان ڀٽائي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مهانگائي خلاف امداد سومرو، زاهد مگسي، شاهد مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ٺل ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف شاهي بازار کان رهبر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مهانگائي خلاف سڪندر کوکر، فقير علي حسن جانوري ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڏهرڪي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف عبدالفتاح سميجو، صادق لغاري، سليم اختر ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جاتي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف ڪامريڊ اشرف ٿهيم، عبدالرزاق ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مگرڀين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

دوڙ ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مهانگائي خلاف رفيق احمد ملاح، ظفر بروهي، امداد ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ترقي پسند هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ٽنڊي غلام حيدر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف عبدالله اعواڻ، عظيم شاهه، خميسو ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سومرا هوٽل کان ڪالوني بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.

مانجهند ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مهانگائي خلاف منٺار ڇڇر، مير حسن سومرو، گلزار ملاح ۽ ٻين شاهي بازار کان مک چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

باڊهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مهانگائي خلاف قادر بروهي، اصغر نوناري، شمس الدين پنهور ۽ ٻين پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

دڙو ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي مهانگائي خلاف منور ميمڻ، زوهيب مگسي، علي رضا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سرڪاري اسپتال کان موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي پڃاري پل چوڪ تي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن چيو ته مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، ماڻهو ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن ۽ بيروزگاري سبب آپگهات ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب ڌاڙيل ڪلچر، ڦرون، چوريون، منشيات ۽ ٻين سماجي براين ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته اٽي، گيهه سميت روزاني جي استعمال جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، آءِ ايم ايف جي شرطن تي پيٽرول، بجلي، گيس ۽ ٻين ضروري شين جا اگهه روزانو جي بنياد تي وڌايا پيا وڃن پر حڪمران عياشيون ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مهانگائي ختم ڪري پئٽرول ۽ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري بک، بدحالي ۽ بدامني جو خاتمو ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون