تازه ترين

پاڪستان جي پهرين پاپ گلوڪارا نازيه حسن جي وڇوڙي کي 23 ورهيه ٿي ويا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاپ گلوڪاري ۾ ننڍي عمر ۾ نالو ڪمائيندڙ نازيه حسن 3 اپريل 1965ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي.

نازيه حسن  رڳو 15 ورهين جي عمر ۾ ڀارتي فلم ”قرباني “ لاءِ ”آپ جيسا ڪوئي ميري زندگي ۾ آئي“ گانو ڳائي پاڻ مڃرايو ۽ شهريت جي بلندين تي پهچي وئي.

نازيه حسن پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور پروگرام ”سنگ سنگ چلين“ کان ڪئي جنهن ۾ سندس ڀاءُ زوهيب حسن به موجود هو.

نازيه حسن ۽ زوهيب حسن گلوڪاري سان گڏ اعليٰ تعليم به حاصل ڪئي.

نازيه حسن جي ”آپ جيسا ڪوئي ميري زندگي ۾ آئي“ گاني مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا ۽ هن گاني تي کيس ڀارت جو مشهور فلم فيئر ايوارڊ به مليو.

نازيه حسن اهو ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني هئي، هن گاني بعد نازيه ۽ زوهيب حسن جو مشهور البم ” ڊسڪو ديواني“ جاري ٿيو.

نازيه حسن ۽ زوهيب کي فن جي نرالي خدمت جي اعتراف ۾ صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي سان به نوازيو ويو. نازيه حسن ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي ۽ هن موذي مرض سبب 13 آگسٽ 2000ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
54 %
2.9kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون