تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ قلم ڌڻين، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتار لاءِ  سکر، نوابشاهه، گهوٽڪي، ٺارو شاهه،  نصير آباد، مٺياڻي، اڏيري لال، محرابپور، ميان صاحب ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

سکر ۾ صحافي جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل خلاف سياسي سماجي ڪارڪنن، صحافين ۽ شهرين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

گهوٽڪي ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين  ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران نياز چنا، آزاد مهر، احسان ڪلوڙ، شبير عارباڻي، جبار مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

شهداد ڪوٽ ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن سڪندر لغاري، واحد ڪالاڻي، شاهد اعواڻ، وهاب پندراڻي، ڪرم مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري  ايس ايس پي سکر خلاف نعريبازي ڪئي.

محرابپور ۾شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميهڙ ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پاران پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنري ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ قلم ڌڻين پاران سکر ۾ هٿياربندن پاران قتل ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ فقير نواز سومرو، منعيم خان، رمضان خاصخيلي، ريحان آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

سوڀو ديرو ۾ سکر ۾ شهيد ڪيل صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران امداد حسين اوٺي، جمال محمدود کهڙو، لعل ڏنو ملاح، فضل محمد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنب ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف قلم ڌڻين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران شرف الدين تمراڻي، همت علي تمراڻي، صفدر چانڊيو ۽ اوشاق ڄامڙو جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي  اڳواڻن جو چوڻ هو ته جان محمد مهر جو قتل آزاد صحافت تي وار آهي، سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻيل آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار جان محمد مهر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
28 %
2.2kmh
100 %
اڱارو
27 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون