سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سکر ۾ بيدردي سان قتل ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي ڊبليو سي، سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.
ڄامشوري ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف قلم ڌڻين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
اوٻاڙي ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف صحافي برادري، سول سوسائٽي، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران گل محمد پنهور، عبدالغفار ملڪ، نظير احمد ملڪ، اڪبر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.
فيض گنج ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سول سوسائٽي پاران ارشاد لاشاري، وجاهت چانگ، علي حامد، رياض سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٺارو شاهه ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف صحافين ۽ شهرين پاران ڊي ايم سومرو، ثناءُ الله چنڙ، ظهير سومرو، رضا محمد بهڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري سکر پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.
پيروسڻ ۾ جي ڊبيلو سي جي سڏ تي قلم ڌڻين پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لياقت علي جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
جاتي ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف جي ڊبليو سي جي سڏ تي صحافين ۽ شهرين پاران عمر خاصخيلي، اشرف ملاح، محسن ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
وارهه ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر قاتلن جي گرفتاري لاءِ قلم ڌڻين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ واپارين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
راضيديرو ۾ صحافين پاران شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ارشاد علي سيال، معشوق حمد ناريجو، محبوب علي مرکنڊ، رضا محمد سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ميرو خان ۾ به سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جان محمد وڌيو، حاجن لڪ، صفدر تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.
نبي سر ٿر ۾ سکر جي بيباڪ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف صحافين، سول سوسائٽي پاران بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
سن ۾ سول سوسائٽي ۽ صحافين طرفان شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
نصير آباد ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران الله بخش قريشي، جبار آزاد منگي، حسين بخش جت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.
سٺ ميل ۾ بهادر قلمڪار جان محمد مهر جي قتل خلاف صحافين پاران پريس ڪلب کان مين چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ڳڙهي ياسين ۾ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران بابر خان، عتيق ڀٽو، اياز علي شاهه، دلشات ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٽنڊو غلام حيدر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين پاران علي بهادري ڪيريو، سيد الطاف شاهه، مدد چانڊيو، ارباب عمر نظام چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.
اڳواڻن چيو ته سکر ۾ دهشتگردن هٿان بيدردي سان قتل ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به ماڻهو جي زندگي کي تحفظ ناهي، سچ لکندڙ قلم ڌڻي سر عام قتل ڪيا پيا وڃن، جيڪا نهايت ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي.
هنن مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
