تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي سچل پوليس موبائل تي دستي بم سان حملو، 3 اهلڪار زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪراچي ۾ سچل ٿاڻي جي پوليس موبائل تي گشت دوران اڻڄاتل جوابدارن دستي بم سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آور موٽر سائيڪل تي سوار هئا، کين ماسڪ پهريل هو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب، اڻڄاتل حملي آور اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موقعي پهچي ويا.

ايس ايس پي اوڀر زبير نذير شيخ جو چوڻ آهي ته واقعو رم جهم اپارٽمينٽس ڀرسان پيش آيو، پوليس موبائل تي دستي بم حملو ڪيو ويو يا ڪريڪر ڌماڪو آهي ان جو تعين ڪيو پيو وڃي.

ايس ايس پي اوڀر جو وڌيڪ چوڻ هو ته حملي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، جڏهن ته اهلڪارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
15 %
5.7kmh
100 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون