تازه ترين

پاڪستان، افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان، افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

پاڪستان، افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي متاثر ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان بار بار واضح ڪري چڪو آهي ته هو افغانستان سان امن چاهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي متاثر ڪري رهي آهي.

فٽيجز…..

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جڙانوالا ۾ ٿيل واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته سڄي ملڪ جو عوام مسيحي برادري سان ٿيل سلوڪ تي ڏکارو آهي، واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ اعليٰ سطحي جاچ جو سلسلو جاري آهي.

هن چيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي  ڀڃڪڙين جي مذمت ڪن ٿا، ڪشمير ۾ موجوده حالتن بابت هو دنيا ۾ ڪشميرين جو آواز پهچائيندا رهندا، عالمي برادري کي به والاريل وادي جي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي شموليت بابت سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته قومي ٽيم کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڀارتي حڪومت جي ذميواري آهي، ڀارت اهڙو ماحول فراهم ڪري جتي رانديگر پنهنجي جان جي خوف کانسواءِ راند کيڏي سگهن.

گوادر ۾ سي پيڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز تي حملي بابت ممتاز زهرا بلوچ چيو ته گودار حملي ۾ خوشقسمتي سان سمورا چيني انجنيئر محفوظ رهيا، سڪيورٽي فورسز حملي ۾ ملوث سمورن حملو ڪندڙن کي ماري ڇڏيو.

فٽيجز…..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون