آدمشماري ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي معاوضو نه ڏيڻ خلاف پ ٽ الف جو احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ميرپور ماٿيلي ۾ پ ٽ الف جي اڳواڻن پاران آدمشماري ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي معاوضو توڙي تيل جو خرچ نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

استاد ارشاد احمد ڪلوڙ، سليم نواز سميجي، ياسر حسين شاهه، محمد اڪرم نائچ ۽ ٻين اي سي آفيس ٻاھران احتجاج ڪندي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي پ ٽ الف جي اڳواڻن چيو ته آدمشماري ۾ ڊيوٽي ورتي وئي جنھن ۾   معاوضو  ناھي ڏنو ويو، جيڪا ساڻن ناانصافي آھي.

ھنن چيو ته ٽي مھينا ڊيوٽي ڪئي آھي ۽ بلاڪ ورھائي ڏنا ويا ھئا ھڪ بلاڪ جو به معاوضو ناھي مليو. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  جائز حق ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
38%
2.4m/s
0%
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
24 °

تازه ترين خبرون