تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وڳڻ ڀرسان  پنھور برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان جيھڙو،2 ڄڻا فوت،3 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وڳڻ ڀرسان  پنھور برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان جيھڙي دوران ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ ياروديرو ۾ پنھور برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان جيھڙي دوران ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان ڏنڊن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو، ھڪ ڌر طرفان فائرنگ ڪئي وئي، جنھن سبب گوليون ۽ ڏنڊا  لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 زخمي ٿيل ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھُئڻ ڪري کين لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سھندي نوجوان زبير احمد پنھور ۽ سندس سوٽ اسد الله پنھور دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏھن مقتول زبير جي ڀاءُ زين جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنھور برادريءَ جي ڌرين ۾ جھيڙي ۽ فائرنگ بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد وڳڻ پوليس پڻ واقعي ھنڌ پھتي.

ٻنھي مقتولن جا لاش لاڙڪاڻي مان وڳڻ اسپتال پھچايا ويا جتان ضروري ڪارروائيءَ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي گھر پھچائڻ تي ڪُھرام مچي ويو.

 رابطو ڪرڻ تي مقتول زبير ۽ اسد الله جي وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ سندن پلاٽ آھي جنھن تي مخالفن قبضو ڪيو آھي، قبضي کان منع ڪرڻ تي ھُنن سندن نوجوانن مٿان حملو ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ۽ ھڪ ڄڻي زين کي سخت زخمي ڪيو آھي.

 ھُنن چيو ته ساڻن وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، جوابدار گرفتار ڪري  انصاف ڪيو وڃي.  ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او وڳڻ ھدايت الله بجاراڻي ٻڌايو ته جھيڙي جو اطلاع ملڻ بعد واقعي واري ھنڌ پھچي پڇا ڳاڇا ڪئي آھي، مقتولن جي وارثن سان انصاف ٿيندو سندن مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو…

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
23 %
2.1kmh
60 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون