تازه ترين

ٺٽي ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو، ٻن عورتن سميت 7 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ٺٽي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ نينگري ۽ 7 ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا جڏهن ته چيف سيڪريٽري نوٽيس وٺندي ڪمشنر حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جهرڪ ويجهو ٺٽي، حيدرآباد روڊ تي مسافر وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ واسي نادر بروهي، ڪوٽري واسي غلام حسين ميمڻ، حيدرآباد واسي ذوالفقار علي ۽ غلام الله واسي مختيار علي سميت ست ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته نور جهان، رحيلا ڀٽو، غلام مصطفيٰ ۽ صابر علي سميت 13 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي ڊي ايڇ ڪيو مڪلي ۽ سول اسپتال حيدرآباد پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم نوٽيس وٺندي ڪمشنر حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

چيف سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي ۽ ريسڪيو 1122 کي واقعي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي.

چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم چيو ته حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي فوري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن جڏهن ته هو فوتين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
13 %
4.8kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون