تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شڪارپور: بدامني خلاف شٽر بند هڙتال، ريلي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

شڪارپور ۾ بدامني، دڪاندارن کان ڦر ۽ ڌاڙن خلاف شٽر بند هڙتال ڪري شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

شهر ۾ هڙتال سبب سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا جڏهن ته واپارين، دڪاندارن، شهرين ۽ سول سوسائٽي پاران سميع الله شيخ، بلال ميمڻ، سرفراز پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور جي واپارين، دڪاندارن ۽ شھرين کي ڏوھارين حوالي ڪيو ويو آهي ۽ پوليس غائب آھي.

هنن چيو ته ڏوھاري سرعام وچ شھر مان ڌاڙا ھڻي وڃن ٿا پر پوليس ٿاڻن تائين محدود آھي، شڪارپور شھر کي شڪارگاھه بڻايو ويو آھي ڪٿي به پوليس نظر نٿي اچي.

سندن چوڻ هو ته شھر جي بازارن ۾ خريدار ۽ دڪاندار محفوظ ناھن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي.

احتجاج ڪندڙن آ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته ٿيل وارداتن جا جوابدار گرفتار ڪري امن ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سڀئي دڪاندار دڪانن جون چاٻيون ايس ايس پي آفيس ۾ احتجاجي طور جمع ڪرائيندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
21 %
3.1kmh
96 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون