پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ پارٽي وفد کي اليڪشن ڪميشن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچي ۾ٿيندو.
اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال بابت سميت مختلف معاملن بابت غور ويچار ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، عام چونڊون وقت سر ٿيڻ، چونڊ شيڊول ۽ تڪبندين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت جي صلاح مشوري کانسواءِ اعليٰ سطحي مقررين، بدلين ۽ ترقياتي فنڊ روڪڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي، سي اي سي پنهنجا اعتراض وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن آڏو اٿاريندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي اي سي نگران حڪومت مٿان ڌٻاءُ وڌائڻ واري حڪمت عملي بابت به فيصلو ڪندي.
ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجا خدشا ٻڌائڻ لاءِ سي اي سي پاران سينيئر اڳواڻن تي ٻڌل وفد جوڙڻ جو امڪان آهي.
