تازه ترين

پيپلز پارٽي جو اليڪشن ڪميشن کي خط

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جا فنڊ منجمند ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي.

پ پ جي سينٽرل اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي.

خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته  برساتي ٻوڏ دوران متاثر ماڻهن جي گهرن جي اڏاوت سميت سنڌ ۾ هلندڙ  عوامي ڀلائي جي ترقياتي اسڪيمن جي فنڊن کي منجمند ڪيو ويو آهي.

خط   ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بدترين لوڊشيڊنگ ۽ مهانگن بلن کي منهن ڏيندڙ عوام لاءِ سولر پينلز جي فراهمي جي اسڪيم جا فنڊ روڪڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي.

تاج حيدر چيو ته چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي ۾ طئي ٿي چڪو آهي ته نگران حڪومت هلندڙ ترقياتي ڪمن کي منجمند نه ٿي ڪري سگهي.

هن چيو ته برسات متاثرن لاءِ ٻيهر تعمير ڪيل گهرن ۾ متاثرن کي آباد ٿيڻ کان روڪيو  پيو وڃي جيڪو الميو آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
32 %
3kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون