شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ آپريشن شروع

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سکر پوليس شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪندي چئن شڪين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

سکر پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته الف ڪچي شاهه ٻيلي ۾ آپريشن ڪندي چئن شڪي ماڻهن حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پوليس ترجمان موجب، قاتلن جي ٺڪاڻن تائين پهچڻ لاءِ عارضي رستا قائم ڪيا ويا آهن، عارضي رستن ذريعي قاتلن تائين پهچڻ ۾ آساني ٿيندي.

هن چيو ته ٻيڙين جي اچ وڃ روڪي پتڻن تي پوليس ٻيهاري  ڇڏي آهي، بڪتر بند گاڏين ۽ جديد هٿيارن سان آپريشن ۾ حصو ورتو پيو وڃي.

سکر پوليس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته جلد قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
16%
0.6m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون