مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عطا تارڙ دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين ڪيترائي سال جيل کان ٻاهر نه ايندو.
گجرانوالا ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عطا تارڙ جو چوڻ هو ته نواز شريف جي اچڻ جي تاريخ حتمي آهي ان ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي.
سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت معيشت تي ڪم ڪيو هجي ها ته هي مهانگائي نه هجي ها.
ياد رهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين يا جيل ڪاٽيندڙ سوين ڪارڪن کان سواءِ به شفاف چونڊون ٿي سگهن ٿيون.
