اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ سهولتن بابت درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ انڊر ٽرائل قيدي ۽ اسلام آباد جا سمورا انڊر ٽرائل قيدي اڊيالا جيل ۾ هوندا آهن، انڊر ٽرائل قيديءَ کي اٽڪ جيل ۾ ڇو رکيو ويو آهي؟
جسٽس عامر فاروق چيو ته توشا خانا ڪيس ۾ کيس اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو، اها سزا معطل ٿي چڪي آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور قبال کان جواب طلب ڪري ورتو.
جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته قانون موجب اسلام آباد جي انڊر ٽرائل قيدي کي اڊيالا جيل هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪريو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو ووي هو ته هاڻي جيل ۾ ايَ بي ۽ سي ڪلاس ختم ٿي ويو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته هاڻي جيل ۾ عام ۽ بهتر ڪلاس هوندو آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو
