ڪي پي جي خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
ايس پي آر موجب آپريشن 25 ۽ 26 سيپٽمبر جي رات دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردڪمانڊر ڪفايت عرف طور عدنان سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ، مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.


