مٺي شھر جي دڪانن تي غير معياري ۽ بدبودار گيھھ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.
مختيار ڪار علي نواز سمون شھرين جي شڪايت تي ڪشمير چوڪ تي قائم دڪان تي ڇاپو ھڻي غير معياري گيھھ ھٿ ڪري دڪان کي سيل ڪري ڇڏيو آھي.
مختيار ڪار جو چوڻ آھي تھ شھرين جي شڪايت تي غير معياري گيھھ وڪرو ڪندڙ دڪاندار خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آھي.
سندس چوڻ ھو تھ غير معياري گيھھ وڪري ۾ ملوث سمورن ماڻھن جي نشاندھي ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي
