تازه ترين

سڪرنڊ واقعي خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ جي مختلف شھرن ۾ احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سڪرنڊ واقعي خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا پيا وڃن.

ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي سڪرنڊ واقعي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارڪنن پاران گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو آھي.

ميرپور ماٿيلي ايس يو پي جي مرڪزي سڏتي سڪرنڊ واقعي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

عمر ڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن پاران سڪرنڊ واقعي خلاف حاجي آچر مري، قادر ڪنڀر، سرور سنڌي، مير معشوق پلي، ڪيول ميگھواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

سيوھڻ ۾سڪرنڊ واقعي خلاف ايس يو پي ڪارڪنن پاران علي نواز رند، حڪيم بڙدي، امام علي جتوئي، فريد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گولڊن گيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

مانجھند ۾ ايس يو پي جي سڏ تي سڪرنڊ واقعي خلاف علي نواز ڪنڀر، محمد عمر ابڙو، اعجاز ميمڻ، گلشير کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

شاھپور جھانيان ۾ ايس يو پي پاران سڪرنڊ واقعي خلاف عبدالفتاح ٻگھيو، عبدالوحيد ڏاھري، امان دين لانگاھھ، ظفر ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ سڪرنڊ ويجھو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن پاران سڌيون گوليون ھلائي بي گناھھ ڳوٺاڻن کي قتل ڪيو ويو آھي، جيڪو سراسر ظلم آھي.

ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
10 %
4.6kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون