دادو ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، پاڻي تي ڌاڙن، وسيلن جي ڦرلٽ، ڌارين جي يلغار، ڌاڙيل راڄ ۽ مهانگائي خلاف عوامي تحريڪ پاران ڪانفرنس ڪوٺائي وئي .
ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن پاران سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
اڳواڻن ڊجيٽل آدمشماري رد ڪندي نين تڪبندين کي سنڌ ورهائڻ جي سازش قرار ڏنو.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي وجود تي حملو آهي، سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت خلاف سپريم ڪورٽ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري.
ھن چيو تھ آئين جي رٽ کي چيلينج ڪندڙ ادارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل عام وارو ڏينهن سنڌي عوام لاءِ ڪارو ڏينهن آهي.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار جو چوڻ ھو تھ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي، آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.
ڪانفرنس کي نور احمد ڪاتيار، ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ماهھ نور ملاح، ستار رند، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، سرتاج چانڊيو، عاطف ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تھ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري غريب مسڪين ماڻهو کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻيون کاڌ خوراڪ جون شيون افغانستان سمگل ڪيون پيون وڃن
