- Advertisement -
ڪنري ۾ سنڌ ٽي وي نيوز تي خبر هلڻ بعد وياج خور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
آچر ڏينهن پوليس گشت دوران خانگي بينچ جي اي ٽي ايم مشين مان ڇاڇري واسي منوج ڪمار کي 169 اي ٽي ايم ڪارڊن ۽ 40 لک کان وڌيڪ رقم سميت گرفتار ڪيو هو.
وياج خور خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ جي خبر سنڌ ٽي وي نيوز جي هلڻ بعد اعليٰ اختيارين نوٽيس ورتو.
اعليٰ اختيارين پاران نوٽيس وٺي ايس ايڇ او ڪنري کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
اعليٰ اختيارين جي حڪم بعد ايس ايڇ او ڪنري پاران وياج خور منوج ڪمار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.- Advertisement -
