تنگواڻي ويجھو اڻڄاتل هٿياربند مال جي واپارين کان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن طرفان ڦر واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ٺل لنڪ روڊ تي انڙ اسٽاپ وٽ ڦورو ھٿيارن جي زور تي مال جي واپاري صالح گجراڻي ۽ غلام مصطفيٰ گجراڻي کان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
گجراڻي برادري پاران اسماعيل گجراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺل لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس چوڪي جي سامھون ھٿياربند واپارين کان ڦر ڪري ويا پر پوليس وارا خاموش تماشائي بڻيل رھيا.
ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ وڌندڙ بدامنيءَ جو نوٽيس وٺي واپاري صالح ۽ غلام مصطفيٰ گجراڻي کان ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
